سلمان خان جي رڪشو هلائڻ جي ويڊيو وائرل

ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ سپر اسٽار سلمان خان جي رڪشو هلائڻ واري ويڊيو سامهون اچي وئي.
سلمان خان جي رڪشو هلائڻ واري ويڊيو پنويل جي فارم هائوس جي ٻاهر جي آهي، جيڪا سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي.
سپر اسٽار سلمان خان جي هن ويڊيو کي ماڻهو تمام گهڻو پسند ڪري رهيا آهن ۽ ان تي دلچسپ تبصرا ڪرڻ جو به سلسلو جاري آهي.
فوٽو اينڊ ويڊيو شيئرنگ ايپ انسٽاگرام تي سلمان خان جي رڪشو هلائڻ واري ويڊيو شيئر ڪئي ڪئي آهي، جنهن ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته سلمان خان پاڻ رڪشو ڊرائيو ڪري رهيو آهي ۽ کيس ڏسي ماڻهو وڏي انگ ۾ گڏ ٿي ويا.