ڪراچي واسين لاءِ 250 بسون خريدڻ جو اعلان، تحريڪ انصاف وارن جيان ڦري نه وينداسين: مرتضيٰ وهاب

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ايڊمنسٽريٽر ڪراچي مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته پي ٽي آءِ سرڪار رڳو بحران ڏنا آهن، سنڌ کي آئين تحت پوري گئس نٿي ملي.
شاهه فيصل ڪالوني ۾ مثالي پارڪ جو افتتاح ڪرڻ جي موقعي تي ڳالهائيندي مرتضيٰ وهاب جو چوڻ هو ته ٽرانسپورٽ جو مسئلو حل ڪرڻ جي لاءِ سنڌ حڪومت 250 بسون خريد ڪري رهي آهي ۽ 50 بسون 31 جنوري تائين اچي وينديون.
مرتضيٰ وهاب چيو ته 65 ايم جي ڊي واٽر منصوبي تي به ڪم هلي رهيو آهي، مختلف منصوبن تي تيزي سان ڪم جاري آهي، پاڻي جي فراهمي جي لاءِ حب کان خاص لائن وڌي پئي وڃي، جنهن سان اولهه ضلعي جي ماڻهن کي سهولت ملندي، شهر واسي ايندڙ ڏينهن ۾ بهتر تبديلي ڏسندا، اسان هڪ ڪروڙ نوڪريون ۽ 50 لک گهر ڏيڻ وارا واعدا ڪندڙن جيان ڦري نه وينداسين.
تحريڪ انصاف جي حڪومت تي تنقيد ڪندي هن چيو ته وفاقي حڪومت ناڪام ٿي چڪي آهي ۽ هنن ماڻهن کان روزگار کسيو آهي، عوام جا چلها اجهامي ويا آهن، اٽي، کنڊ، گئس ۽ پيٽرول جو بحران پيدا ڪيو ويو ۽ وري چون ٿا ته پاڪستان کي پنهنجي پيرن تي بيهاري ڇڏيو آهي.
سندس چوڻ هو ته رڳو ڪراچي نه پر لاهور، اسلام آباد، پشاور، ڪوئيٽا، گلگت بلتستان ۽ آزاد ڪشمير ۾ به تمام گهڻي مهانگائي آهي، هڪ سال اندر مهانگائي ساڍا 12 سيڪڙو وڌي آهي، پي ٽي آءِ سرڪار رڳو بحران ڏنا آهن، اخلاقيات جو بحران به سڀ کان وڏو بحران آهي، جنهن جو پاڪستان جي تاريخ ۾ مثال نٿو ملي، هيءَ غلط بياني تي ٻڌل ۽ سنجيدگي کان آجي حڪومت آهي، حڪومت جو ڪم وڏيون خبرون ٻڌائڻ نه پر مسئلا حل ڪرڻ هوندو آهي.
مرتضيٰ وهاب موجب اهو چوڻ هنن جي نااهلي آهي ته سياري ۾ گئس جي کوٽ پيدا ٿيندي، بجلي گئس، اٽو، کنڊ، پيٽرول ۽ فرٽيلائيزر جو بحران پيدا ڪري ماڻهن کي تباهي طرف ڌڪيو پيو وڃي، اهڙو مثال پاڪستان جي 75 سالن جي تاريخ ۾ ناهي مليو، گئس جي گهٽتائي جي ڪري صنعتڪارن جي وفد سنڌ جي وڏي وزير سان ملاقات ڪئي ۽ ٻڌايو ته گئس جي کوٽ سبب برآمد جا آرڊرز پورا نٿا ڪري سگهون.
هن چيو ته سنڌ صوبو سڀ کان وڌيڪ گئس پيدا ڪندو آهي، 65 کان 67 سيڪڙو گئس سنڌ مان نڪري ٿي پر هتان جا رهواسي گئس لاءِ سڪي رهيا آهن، اسان جون مائرن، ڀينرن وٽ گئس ناهي، هي هڪ زرعي ملڪ آهي، هاڻي ڀاڻ جي کوٽ به ڪَر کڻي رهي آهي.
ايڊمنسٽريٽر ڪراچي جو چوڻ هو ته آئين جي آرٽيڪل 158 تحت جيڪو صوبو گئس پيدا ڪندو آهي، پهرين حق اُن جو آهي پر سنڌ کي اُن جو آئيني حصو نٿو ملي.
مرتضيٰ وهاب وڌيڪ چيو ته عسڪري پارڪ تي عدالتي فيصلي تحت عملدرآمد ڪرائينداسين، ٻن هفتن جو وقت ڏنو ويو آهي، سمورن پارڪس کي بحال ڪري شهرين جي لاءِ کوليو ويندو، سياري جي مند ختم ٿيڻ بعد وڏي پئماني تي وڻڪاري ڪئي ويندي