January 18, 2022

سال جي بهترين ون ڊي رانديگرن جي نامزدگين ۾ بابر اعظم به شامل

دبئي (ويب ڊيسڪ) انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل جي ون ڊي پليئر آف دي ايئر جي نامزدگين ۾ قومي ٽيم جو ڪپتان بابر اعظم به شامل آهي.

آءِ سي سي گذريل ڏينهن سال جي بهترين ٽي ٽوئنٽي رانديگر لاءِ 4 نامزدگيون ڪيون هيون، جن ۾ پاڪستان جو محمد رضون به شامل هو، جڏهن ته هاڻ سال جي بهترين ون ڊي رانديگر جي نامزدگين جو اعلان ڪيو ويو آهي.

 

آءِ سي سي طرفان ون ڊي پليئر آف دي ايئر لاءِ نامزد ڪيلن ۾ قومي ٽيم جو ڪپتان بابر اعظم، بنگلاديش جو شڪيب الحسن، ڏکڻ آفريقا جو جانيمن ملان ۽ آئرلينڊ جو پال اسٽرلنگ شامل آهن.

واضح رهي ته ون ڊي بيٽسمينن جي رينڪنگ ۾ بابر اعظم پهرئين، جڏهن ته آل رائونڊر جي رينڪنگ ۾ شڪيب الحسن پهرئين نمبر تي آهي.

Follow by Email
YouTube
YouTube