January 18, 2022

سنڌ حڪومت هيڊ ماسترن جو پراڻو مسئلو حل ڪري ڇڏيو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ حڪومت هيڊ ماسترن جو پراڻو مسئلو حل ڪري ڇڏيو.

سنڌ ڪابينا جي اجلاس ۾ 4 هزار 401 هيڊ ماسترن کي ترقي ڏيڻ جي سمري به منظور ڪئي وئي.

واضح رهي ته سڄي سنڌ جي 4 هزار 401 هيڊ ماسترن کي 18 سالن کان ترقيون نه ملي سگهيون هيون.

سمري موجب 17هين کان 20هين گريڊ جي هيڊ ماسترن کي ترقيون ڏنيون وينديون، 17هين گريڊ ۾ 3 هزار 974 هيڊ ماسترن، 18هين گريڊ ۾ 293 هيڊ ماسترن کي ترقي ڏني ويندي.

اهڙي ريت 19هين گريڊ ۾ 130 ۽ 20هين گريڊ ۾ 4 هيڊ ماستر آهن.

Follow by Email
YouTube
YouTube