عورت ”شاهه رخ خان“ بڻجي سڀني کي دنگ ڪري ڇڏيو

ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ ڪنگ شاهه رخ خان جي چهري سان مشابهت رکندڙ ته کوڙ ئي هوندا پر هڪ عورت ميڪ اپ ڪرڻ کانپوءِ شاهه رخ خان جهڙي نظر اچڻ لڳي.
دهلي سان واسطو رکندڙ هڪ ميڪ اپ آرٽسٽ ڊڪشيتا پنهنجي ڪم ۾ ايتري قدر ماهر آهي جو هوءَ پنهنجي شڪل ڪنهن به ڪردار جهڙي بڻائي سگهي ٿي.
هن فوٽو ۽ ويڊيو شيئرنگ ايپ انسٽاگرام تي پنهنجي هڪ ويڊيو شيئر ڪئي.
ويڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته ڊڪشيتا گوگل تان شاهه رخ خان جي هڪ تصوير جي چونڊ ڪئي، پوءِ ميڪ اپ ڪري منهنجي مُنهن کي 80 سيڪڙو شاهه رخ خان جهڙو ڪري ڇڏيو ۽ پوءِ ان نئين انداز ۾ تصويرون به ٺاهيون.
ڊڪشيتا جي اها ويڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي ته واهپيدار ڏسي دنگ رهجي ويا، ڇو ته ان کان اڳ هنن شاهه رخ خان جي هڪ شڪلن يا ان جهڙو آواز ڪڍندڙن کي ڏٺو هو.