يورپي يونين جو ميانمار جي فوجي جنتا کي هٿيار نه ڏيڻ جو مطالبو

برسلز (ويب ڊيسڪ) يورپي يونين ميانمار جي فوجي جنتا کي هٿيار وڪرو ڪرڻ تي پابندي لاڳو ڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو.
يورپي يونين جي پرڏيهي معاملن بابت نمائندي جوزيپ بوريل موجب ميانمار ۾ عام شهرين تي تشدد جي تازن واقعن کانپوءِ ان اوڀر ايشيائي ملڪ جي فوج کي وڌيڪ هٿيار وڪرو نه ڪرڻ گهرجن.
يورپي يونين فوجي حڪومت تي واڌو پابنديون لڳائڻ لاءِ به تيار آهي.
واضح رهي ته ڪرسمس جي موقعي تي ميانمار جي اوڀر رياست ڪياه ۾ سڙيل گاڏين مان گهٽ ۾ گهٽ 35 شهرين جا لاش هٿ آيا هئا، جن ۾ ٻار ۽ عورتون به شامل هيون.
ان واقعي تي عالمي برادري ڳڻتيءَ جو اظهار ڪيو هو.