January 18, 2022

آمنا الياس جي بولڊ تصوير تي مداحن جي تنقيد

من موهڻي اداڪارا ۽ ماڊل آمنا الياس جي ورزش دوران ورتل تصوير وائرل ٿي وئي.

آمنا الياس تي اچڻ سان گڏوگڏ سوشل ميڊيا تي به تصويرون ۽ ويڊيوز اپ لوڊ ڪري مداحن کي تفريح فراهم ڪندي آهي.

اداڪارا تازو پنهنجي انسٽاگرام اڪائونٽ تي هڪ تصوير شيئر ڪئي، جنهن سبب واهپيدار کيس تنقيد جو نشانو بڻائي رهيا آهن.

آمنا الياس جي اها تصوير ورزش دوران ورتل آهي، جنهن جي ڪيپشن ۾ هن لکيو ته ”ورڪ ان پروگريس“.

 

تصوير ۾ آمنا الياس کي جيڪو لباس پاتل آهي، ان ۾ سندس جسم جو وڏو حصو به نظر اچي رهيو آهي.

مداحن آميا الياس کي ڪپڙن سبب سخت تنقيد جو نشانو بڻائڻ شروع ڪري ڇڏيو ۽ چيو ته اهڙيون تصويرون شيئر ڪندي توهان کي شرم اچڻ گهرجي.

هڪ واهپيدار لکيو ته مسلمان جي حيثيت سان توهان کي ائين ڏسي ڏاڍي مايوسي ٿي، جڏهن ته هڪ ڇوڪري لکيو ته ڇا اهڙن ڪپڙن جي پاڪستان ۾ اجازت آهي؟ ڇا هي اسلامي جمهوريا پاڪستان آهي؟

Follow by Email
YouTube
YouTube