January 18, 2022

شهباز شريف ۽ مريم نواز جي بلال ياسين تي قاتلاڻي حملي جي مذمت

لاهور (ويب ڊيسڪ) ن ليگ جي صدر شهباز شريف ۽ مرڪزي نائب صدر مريم نواز پنجاب اسيمبلي جي ميمبر بلال ياسين تي قاتلاڻي حملي جي سخت مذمت ڪئي آهي.

شهباز شريف بلال ياسين سان فون تي رابطو ڪري ڳالهه ٻولهه ڪئي، جنهن دوران هُن چيو ته الله تعاليٰ جو شڪر ادا ڪيون ٿا جو اوهان جي حياتي بچي وئي.

پنهنجي بيان ۾ شهباز شريف چيو ته بلال ياسين تي فائرنگ دهشتگردي آهي، جوابدارن کي جلد گرفتار ڪري قانون موجب سزا ڏني وڃي.

هن پارٽي جي ڪارڪنن  ۽ قوم کي اپيل ڪئي ته بلال ياسين جي حياتي ۽ صحت جي لاءِ دعا ڪئي وڃي.

ٻئي پاسي ن ليگ جي نائب صدر مريم نواز به پنجاب اسيمبلي جي ميمبر تي حملي جي سخت مذمت ڪئي.

جاري ڪيل ٽوئيٽ ۾ مريم نواز لکيو ته پنجاب اسيمبلي ميمبر ۽ نواز شريف جي وفادار ساٿي بلال ياسين تي قاتلاڻو حملو ٿيو، کيس گوليون لڳيون  پر الله سندس حياتي بچائي.

هُن چيو ته ڊاڪٽرز جو چوڻ آهي ته  گهڻو زخمي ٿيڻ باوجود بلال ياسين جي حالت خطري کان ٻاهر آهي، الله تعاليٰ کيس جلد صحتياب ڪري، عوام کي دعا جي اپيل آهي.

واضح رهي ته لاهور جي موهني روڊ تي موٽر سائيڪل سوار اڻڄاتل جوابدارن پنجاب اسيمبلي جي ميمبر بلال ياسين تي فائرنگ ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ هو سخت زخمي ٿي پيو.

Follow by Email
YouTube
YouTube