August 9, 2022

نئين سال جي موقعي تي ڪراچي واسين لاءِ خوشخبري

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) نئين سال جي موقعي تي ڪراچي واسين لاءِ سٺي خبر سامهون اچي وئي.

نئين سال جي موقعي تي شهرين جو وڏو انگ سي ويو جو رُخ ڪندو آهي ۽ شهرين لاءِ سٺي خبر آهي ته انهن لاءِ هيل سي ويو جي رستن کي بند نه ڪيو ويندو.

ان حوالي سان ايس ايس پي ڏکڻ زبير نذير شيخ جو چوڻ هو ته نيو ايئر نائيٽ تي سي ويو وڃڻ تي پابندي نه هوندي پر ڪجهه رستن کي رنڊڪون لڳائي ون وي ڪيو ويندو، ٽريفڪ جام کان بچڻ لاءِ ٽريفڪ پوليس مقرر هوندي، سي ويو ۽ ڀرپاسي جي رستن تي واڌو نفري کي مقرر ڪيو ويندو.

هن چيو ته هوائي فائرنگ تي قلم 144 تحت پابندي هنئي وئي آهي، شهرين کي اپيل آهي ته اهي پوليس سان سهڪار ڪن.

واضح رهي ته گذريل سال ڪورونا سبب سي ويو ۽ ٻين هنڌن تي عوامي ميڙاڪن تي پابندي لڳائي وئي هئي.

Follow by Email
YouTube
YouTube