January 18, 2022

ڀارت انڊر 19 ايشيا ڪپ کٽي ورتو

دبئي (ويب ڊيسڪ) ڀارت انڊر 19 ايشيا ڪپ جي فائنل ۾ سريلنڪا کي شڪست ڏئي ٽائيٽل کٽي ورتو.

انڊر 19 ايشيا ڪپ جي فائنل ۾ ڀارتي ٽيم سريلنڪا کي 9 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي.

برسات سبب پهرين اننگز 38 اوورن تائين محدود ڪئي وئي ۽ سريلنڪن ٽيم پهريان کيڏندي 9 وڪيٽن جي نقصان تي رڳو 106 رنسون ٺاهيون.

ڀارت کي ڊڪ ورٿ لوئس ميٿڊ تحت 32 اوورن ۾ 102 رنسن جو هدف مليو، جيڪو ان هڪ وڪيٽ جي نقصان تي 21.3 اوورن ۾ پورو ڪري ورتو.

Follow by Email
YouTube
YouTube