January 18, 2022

ڪورونا وائرس جي خطري سبب تعليمي ادارا بند ڪرڻ جو فيصلو

سڄي دنيا ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر ڪورونا وبا زور پڪڙڻ سبب پابندين جو سلسلو به شروع ٿي ويو آهي، جنهن ۾ گهڻن ماڻهن جي گڏجڻ سميت ٻيون پابنديون شامل آهن، جڏهن ته هاڻ ڪورونا سبب تعليمي سرگرميون به متاثر ٿيڻ لڳيون آهن.

ڪورونا وائرس جي پکيڙ جي خطري سبب قطر ۾ تعليمي ادارا بند ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.

پرڏيهي ميڊيا موجب قطر ۾ اسڪولن ۽ ايليمنٽري ڪلاسز  ۾ تدريسي عمل معطل ڪيو ويو آهي.

قطر جي تعليم واري وزارت موجب اسڪولن ۽ ايليمنٽري ڪلاسز  ۾ تدريسي عمل 2 جنوري کان هڪ هفتي لاءِ معطل رهندو.

تعليم واري وزارت جو چوڻ آهي ته تعيلمي ادارا شاگردن جي لاءِ آن لائن ڪلاسز کي يقيني بڻائن.

واضح رهي ته قطر ۾ گذريل 24 ڪلاڪن ۾ ڪورونا جا 533 ڪيسز رڪارڊ ٿيا.

صحت واري وزارت جو چوڻ آهي ته قطر ۾ ڪورونا وائرس جا 4 هزار 380 فعال ڪيسز آهن ۽ گذريل 24 ڪلاڪن ۾ ڪوورنا جو  هڪ مريض فوت ٿي ويو.

صحت واري وزارت موجب قطر ۾ ڪورونا وائرس سبب گڏيل طور 618 ماڻهو فوت ٿي چڪا آهن.

Follow by Email
YouTube
YouTube