August 13, 2022

شيخ رشيد هر بوٽ ۾ فٽ ٿي ويندو آهي: عبدالغفور حيدري

لاهور (ويب ڊيسڪ) جمعيت علماءِ اسلام جي سينيئر اڳواڻ ۽ سينيٽر مولانا عبدالغفور حيدري چيو آهي ته عوام الله جو نالو وٺي روڊن تي نڪري ۽ حڪومت جو تختو اونڌو ڪري.

لاهور ۾ صحافين سان ڳالهائيندي عبدالغفور حيدري چيو ته فواد چوڌري بيان ڏنو ته جي يو آءِ انتهاپسند جماعت آهي، عمران خان ڊي چوڪ ۾ ويهي پارليامينٽ ۽ فوج کي گاريون ڏنيون، توهان بجلي، گئس ۽ پاڻي جا بل ساڙيا، پي ٽي وي تي حملو ڪيو.

هن چيو ته اسان مارچ ڪيو پر ڪنهن شئي کي نقصان نه پهچايو، اسان جي تحريڪ ۽ توهان جو ڌرڻو ۽ ڪردار قوم جي سامهون آهي، قوم کي فيصلو ڪرڻو آهي ته انتهاپسند ڪير آهي؟ دليل جي بنياد تي چوان ٿو ته توهان انتهاپسند ۽ دهشتگرد آهيو.

شيخ رشيد جي حوالي سان سندس چوڻ هو ته شيخ رشيد هر بوٽ ۾ فٽ ٿي ويندو آهي، هو صبح جو هڪ جماعت ۾ ۽ شام جو ٻي جماعت ۾ هوندو آهي.

Follow by Email
YouTube
YouTube