January 20, 2022

اسرائيل جو چئن عورتن تي ايران لاءِ جاسوسي ڪرڻ جو الزام

تل ابيب (ويب ڊيسڪ) اسرائيلي ڳجهي سروس چئن عورتن ۽ هڪ مرد تي ايران لاءِ جاسوسي جي سنگين ڏوهه جا الزام هڻي ڇڏيا.

اسرائيلي اختيارين جو الزام آهي ته ايران ڄائي انهن يهودين اسرائيل ۾ موجود ڳجهن هنڌن سميت آمريڪي سفارتخانن جون تصويرون ڪڍيون آهن.

واضح رهي ته اسرائيل، ايران کي پنهنجي سيڪيورٽي لاءِ سڀ کان وڏي خطري طور ڏسندو آهي.

هوڏانهن تهران حڪومت طرفان ان تي اڃا تائين ڪو به ردعمل ظاهر ناهي ڪيو ويو.

Follow by Email
YouTube
YouTube