August 13, 2022

اپوزيشن جون ترميمون رد، حڪومت مني بجيٽ منظور ڪرائڻ ۾ ڪامياب

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) قومي اسيمبلي ۾ گوڙ گهمسان کانپوءِ حڪومت مالياتي بل 2021 منظور ڪرائڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي، جڏهن ته اپوزيشن جون سڀ ترميمون رد ٿي ويون.

حڪومت طرفان فنانس بل جي منظوري لاءِ طلب ڪيل قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ چوٿين ڏينهن به بحث ٿيو، ايوان ۾ وزيراعظم موجود رهيو ۽ ضمني مالياتي بل جون 6 شقون هڪ هڪ ڪري منظور ٿيون.

اسد قيصر جي صدارت هيٺ اجلاس ۾ حڪومت وٽ ايوان ۾ مني بجيٽ جي منظوري لاءِ 18 ميمبرن جي اڪثريت موجود هئي.

قومي اسيمبلي جو ايوان هن وقت 342 ميمبرن تي ٻڌل آهي، حڪومت وٽ 182، جڏهن ته اپوزيشن وٽ 160 ميمبر آهن، اجلاس ۾ اپوزيشن جا 10 ۽ حڪومت جا 14 ميمبر غير حاضر رهيا، ائين حڪومت وٽ 18 ميمبرن جي اڪثريت موجود رهي.

وزيراعظم عمران خان ايوان ۾ پهتو ته حڪومتي ميمبرن ڊيسڪون وڄائي سندس آجيان ڪئي، جڏهن ته اپوزيشن ميمبرن طرفان سخت نعريبازي ڪئي وئي.

ضمني مالياتي بل جي شق تي اپوزيشن جون ترميمون رد ڪيون ويون.

اپوزيشن جي ترميمن جي حق ۾ 150 ووٽ، جڏهن ته مخالفت ۾ 168 ووٽ پيا، ائين اپوزيشن جون ترميمون اڪثريتي راءِ سان رد ٿي ويون، اپوزيشن اڳواڻ محسن داوڙ، شاهد خاقان عباسي ۽ نويد قمر جون ترميمون رد ڪيون ويون.

ناڻي واري وزير شوڪت ترين ضمني مالياتي بل 2021 ايوان ۾ منظوري لاءِ پيش ڪيو ۽ چيو ته فنانس بل تي اپوزيشن جي واويلا بي بنياد آهي، جڏهن ته ناڻي واري وزير جي خاطري تي ايم ڪيو ايم پاڪستان پنهنجون ترميمون واپس وٺي ڇڏيون.

Follow by Email
YouTube
YouTube