January 18, 2022

هاڻ شگر ٽيسٽ لاءِ سئي استعمال ڪرڻ جي ضرورت نه آهي

آمريڪي ڪمپني هڪ اهڙو ڊوائيس تيار ڪيو آهي جنهن جي مدد سان آڱر ۾ سوراخ ڪرڻ کانسواءِ بلڊ شگر ٽيسٽ ڪرڻ ممڪن هوندو.

پرڏيهي خابرو اداري موجب آمريڪا جي شهر لاس ايگاس ۾ سال جي سڀ کان وڏي اليڪٽرانڪ شو رٿيو ويو جيڪو هر سال رٿيو ويندو آهي ۽ ان ۾ جديد ٽيڪنالوجي سان ليس ڊوائيسز پيش ڪيا ويندا آهن جن جو ماضِ ۾ تصور ڪرڻ به ممڪن نه هو.

ڪنزيومر اليڪٽرانڪ شو نالي ان نمائش دوران مصنوعي ذهانت تي ڪم ڪندڙ ڪمپني سڪانبو سواءِ سئيءَ جي شگر ٽيس ڪندڙ ٽولز جي جهلڪي پيش ڪئي، جيڪي رڳو آڱرين کي مشين تي رکڻ سان بلڊ شگر بابت آگاهه ڪري ٿي.

ڪمپني دعويٰ ڪئي آهي ته ان هڪ پروٽوٽائيپ ڊوائيس تيار ڪيو آهي جيڪو 3 اي سي جي ۽ هڪ پي پي جي (فوٽو ڦيلٿيموگرن) تي ٻڌل آهي.

ڪمپني پنهنجي ان ڊوائيس کي ڪمرشل ڪرڻ چاهي ٿي جنهن جي منظوري لاءِ ان ايف ڊي اي سان رابطو ڪيو آهي پر ان ڊوائيس جي منظوري ۾ ڪافي وقت لڳي سگھي ٿو ڇو جو اڃا تائين ڪنهن اهڙي ڊوائيس تيار ناهي ڪئي.

Follow by Email
YouTube
YouTube