August 13, 2022

ڪائيلي جينر انسٽاگرام تي سڀ کان وڌيڪ فالوئر رکندڙ عورت بڻجي وئي

نيو يارڪ ( ويب ڊيسڪ ) آمريڪي سوشل ميڊيا اسٽار، بزنس وومين ۽ ماڊل ڪائيلي جينر انسٽاگرام تي 30 ڪروڙ فالوورز حاصل ڪندڙ دنيا جي پهرين عورت بڻجي وئي.

انسٽاگرام تي سڀني کان وڌيڪ فالوورز حاصل ڪندڙ شخصيتن جي ڳالهه ڪئي وڃي ته ان فهرست ۾ پرتگال کان واسطو رکندڙ فٽبالر ڪرسٽيانو رونالڊو سڀني کان اڳتي آهي، جنهن جي فالوورز جو انگ 38 ڪروڙ کان وڌيڪ آهي.

عورتن جي ڳالهه ڪئي وڃي ته ڪائيلي جينر سڀني کان وڌيڪ فالوورز حاصل ڪندڙ شخصيت آهي، سندس فالوورز جو انگ 30 ڪروڙ ٿي ويو آهي.

ان کانسواءِ انسٽاگرام تي سڀني کان وڌيڪ فالو ٿيندڙ شخصيتن جي فهرست ۾ ٽئين نمبر تي ارجنٽائن جو فٽبالر ليونل ميسي، جڏهن ته چوٿين نمبر تي بالي ووڊ اداڪار ڊيوائن جانسن آهي.

ميسي جا به انسٽاگرام تي 30 ڪروڙ، جڏهن ته ڊيوائن جا 28 ڪروڙ کان وڌيڪ فالوورز آهن.

Follow by Email
YouTube
YouTube