October 4, 2023

آمريڪا، روسي صدر تي پابندين جي ڌمڪي ڏئي ڇڏي

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي صدر جو بائيڊن خبردار ڪيو آهي ته روسي صدر ولاديمير پيوٽن تي ذاتي طور پابنديون هڻي سگهجن ٿيون.

سندس موجب جيڪڏهن روسي فوج يوڪرين تي حملو ڪيو ته ماسڪو خلاف سخت پابندين سان گڏ پيوٽن کي به نشانو بڻايو ويندو.

واشنگٽن حڪومت جو چوڻ آهي ته اهو خطرو موجود آهي ته روسي فوج يوڪرين ۾ داخل ٿي سگهي ٿي پر روس مسلسل انهن الزامن کي رد ڪري رهيو آهي.

ماسڪو حڪومت موجب اولهه ملڪ اهو بهانو بڻائي اولهه يورپي سرحدن تي عسڪري موجودگي وڌائڻ چاهين ٿا.

Follow by Email
YouTube
YouTube