May 22, 2022

ايم ڪيو ايم پاران سڀاڻي ڪارو ڏينهن ملهائڻ جو اعلان، آءِ جي سنڌ کي هٽائڻ جو مطالبو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ايم ڪيو ايم پاڪستان جي ڪنوينر خالد مقبول صديقي سڀاڻي ڪارو ڏينهن ملهائڻ جو اعلان ڪندي آءِ جي سنڌ کي معطلي جو مطالبو ڪري ڇڏيو.

خالد مقبول صديقي پريس ڪلب ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته پرامن احتجاج ڪندڙن تي تشدد جي خلاف سڀاڻي ڪارو ڏينهن ملهايو ويندو، عورتن تي تشدد ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪنداسين.

هن چيو ته اڄ پيپلز پارٽي جي نسل پرست سياست پنهنجي تاريخ ورجائي آهي، اڳواڻن کي اڄ رات تائين آزاد نه ڪيو ويو ته ٿاڻا پنهنجي باري ۾ سوچين.

سندس چوڻ هو ته پيپلز پارٽي جا ڌاڙيل وردي پهري ڪراچي شهر تي قابض آهن، اسان اسيمبلي ميمبرن، اڳواڻن ۽ ڪارڪنن کي زخمي ڪيو ويو، ايم ڪيو ايم جي هڪ ايم پي اي کنيو ويو، جنهن جي خبر ناهي پئي، 24 ڪلاڪن جو وقت ڏيون پيا، سموري معاملي جي وضاحت ڪيو.

خالد مقبول صديقي چيو ته زرداري صاحب پنهنجي وڏي وزير کي نه سنڀاليو ته بلاول هائوس به هن ئي شهر ۾ آهي، اسان وڙهڻ نٿا چاهيون پر توهان کي خبر آهي اسان وڙهڻ ڄاڻون ٿا، وڏو وزير استعيفيٰ ڏئي نه ته هن شهر جا دروازا ان لاءِ بند ڪيا ويندا.

هن وڌيڪ چيو ته وزيراعظم صاحب اسان پاڪستان جي بقا واري جنگ وڙهي رهيا آهيون، توهان کي به اسان سان گڏ بيهڻ گھرجي، هن واقعي تي ڪراچي توهان جو انتظار ڪري رهي آهي.

Follow by Email
YouTube
YouTube