بوبي ديول پاڪستاني مداح جو ٿورائتو

بالي ووڊ اداڪار بوبي ديول پنهنجي پاڪستاني مداح جي بي انتها محبت تي سندس ٿورا مڃيا آهن.
ڪراچي سان واسطو رکندڙ عورت منال فهيم گذريل ڏينهن ٽوئيٽر تي بوبي ديول کي سالگرهه جي اڳواٽ مبارڪ ڏني هئي.
منال فهيم ڪيڪ سان گڏ پنهنجي تصوير ٽوئيٽر تي شيئر ڪندي لکيو ته 27 جنوري تي بوبي ديول جي سالگرهه آهي ۽ مان هر سال ان جي سالگرهه ملهائيندي آهيان پر هن سال چاهيان ٿي ته بوبي ديول پاڻ منهنجي پوسٽ ڏسي ۽ ڄاڻي ته پاڪستان ۾ موجود هڪ ڇوڪري هر سال ان جي سالگرهه ملهائيندي آهي.
بوبي ديول، منال فهيم جي ٽوئيٽ کي نه رڳو ري ٽوئيٽ ڪيو پر ايتري محبت ڏيڻ تي سندس ٿورا به مڃيا ۽ ان لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.