October 4, 2023

شيخ رشيد ايم ڪيو ايم جي ريلي تي لٺبازي جو نوٽيس ورتو، رپورٽ طلب

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد ڪراچي ۾ ايم ڪيو ايم جي ريلي تي لٺبازي جو نوٽيس وٺندي رپورٽ طلب ڪري ورتي.

وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد سنڌ جي چيف سيڪريٽري ۽ آءِ جي پوليس سان ٽيليفونڪ رابطو ڪيو، جنهن ۾ ڪراچي ۾ پيش آيل واقعي تي گفتگو ڪئي وئي.

شيخ رشيد ڪراچي ۾ ايم ڪيو ايم جي احتجاج دوران پيدا ٿيندڙ صورتحال بابت چيف سيڪريٽري ۽ آءِ جي کان رپورٽ طلب ڪري ورتي.

Follow by Email
YouTube
YouTube