ڊيسڪ ٽاپ تي واٽس ايپ استعمال ڪندڙن جي ڏکيائي ختم

پيغام پهچائڻ لاءِ استعمال ٿيندڙ ايپليڪيشن واٽس ايپ هر ايندڙ ڏينهن واهپيدارن جي سهولت لاءِ نت نيون تبديليون ڪندي آهي جنهن سبب واهپيدار ان ايپ کي پسند به ڪندا آهن.
ايپ جي سرگرمين تي نظر رکندڙ ويب سائيٽ واٽس ايپ بيٽا انفو جي رپورٽ موجب هاڻ ايپ ڊيسڪ ٽاپ وارن واهپيدارن لاءِ وائس نوٽ موڪلڻ ۾ سولائي پيدا ڪئي وئي آهي.
نئين اپ ڊيٽ موجب هاڻ واٽس ايپ ويب تان ڪنهن کي وائس نوٽ موڪلينداسين ته ان وچ ۾ پاز يعني روڪي سگھو ٿا.
اهو ان صورت ۾ واهپيدارن لاءِ بهترين ثابت ٿيندو جڏهن اهي پنهنجو آواز رڪارڊ ڪري رهيا هجن ۽ اسڪرين تي ڪنهن ٻئي دوست جو ايمرجنسي پيغام موصول ٿئي اوهان کي فوري طور تي جواب ڏيڻ ضروري هجي ۽ اوهان ان وقت گھڻو ڊگھو وائس نوٽ رڪارڊ ڪري چڪا آهيو ۽ ان کي ڊليٽ نٿا ڪرڻ چاهيو.
اهڙي ۾ اوهان ان کي روڪي ٻئي دوست کي جواب ڏئي سگھو ٿا ۽ پوءِ وائس نوٽ واري چيٽ ۾ اچي اتان پنهنجو پيغام جاري ڪري سگھندا.