October 4, 2023

ڪراچي ۾ ريلين سبب پي ايس ايل ٽيمن جو پريڪٽس سيشن ختم

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ سياسي جماعتن جي ريلين ۽ احتجاج ڪندڙن جي پوليس سان جهڙپن سبب پاڪستان سپر ليگ ۾ شريڪ ٽيمن جا پريڪٽس سيشن ختم ڪيا ويا.

27 جنوري کان شروع ٿيندڙ پي ايس ايل جي ستين ايڊيشن کان اڳ ٽيمن کي پريڪٽس ڪرڻي هئي، معين خان اڪيڊمي ۾ پشاور زلمي ۽ اسلام آباد يونائيٽيڊ جي ميچ شيڊيول هئي، جڏهن ته نيشنل اسٽيڊيم ۾ ڪراچي ڪنگز ۽ ملتان سلطانز جي ٽيمن کي نيٽ پريڪٽس ڪرڻي هئي.

سياسي جماعتن جي ريلين، ڪارڪنن جي پوليس سان جهڙپن ۽ ان جي نتيجي ۾ پيدا ٿيندڙ ٽريفڪ صورتحال سبب پريڪٽس شيڊيول ختم ڪيو ويو.

ان کان اڳ صبح جو لاهور قلندرز ۽ ڪوئيٽا گليڊيئيٽرز جي ٽيمن نيشنل اسٽيڊيم ۾ پريڪٽس ڪئي.

پريڪٽس کانپوءِ ٽيمن کي ٽريفڪ ۾ ڦاسڻ کان بچڻ لاءِ روٽين جي رستي بدران متبادل رستي کان هوٽل پهچايو ويو.

Follow by Email
YouTube
YouTube