تشدد ۽ بي لباس ڪندڙن کي معاف ٿو ڪيان: اعظم سواتي

لاهور (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف اڳواڻ اعظم سواتي چيو آهي ته تشدد ۽ بي لباس ڪندڙن کي معاف ٿو ڪيان.لاهور ۾ تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان سان ملاقات کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي اعظم سواتي چيو ته عمران خان تي قاتلاڻو حملو ڪيو ويو، حساب ڏيڻو پوندو، جڏهن ته اڳتي جي حڪمت عملي عمران خان پاڻ ٻڌائيندو.
هن وڌيڪ چيو ته 13 پارٽين ملڪي معيشت کي ڪٿي اچي بيهاريو آهي.