October 4, 2023

عمران خان کي آرمي چيف جي مقرريءَ تائين تماشو بند ڪرڻ گهرجي: بلاول ڀٽو زرداري

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پ پ چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري آرمي چيف جي مقرري جي معاملي تي چيو آهي ته خان صاحب! اهو فيصلو ٿيڻ ڏيو، توهان کي ان معاملي تي تماشو بند ڪرڻ گهرجي.
اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته هڪ گڙي چور حقيقي آزادي جي ڳالهه ڪري رهيو آهي، سندس لانگ مارچ جو ڪو جمهوري مقصد ناهي، هن سدائين غير جمهوري قوتن جي ڪلهن تي سياست ڪئي آهي.
هن چيو ته عمران خان طرفان تاحيات واڌ جي آڇ کي آرمي چيف رد ڪري ڇڏيو، جنرل قمر جاويد باجوا جو اهو قدم سٺو سنئوڻ آهي، عمران خان جهڙي سياستدان جو مستقبل ادارن کي تڪراري بڻائڻ سان جڙيل آهي، هو چاهي ٿو ته نيون چونڊون ٿين يا ڪنهن طريقي سان مارشل لا لڳي وڃي.
سندس چوڻ هو عمران خان کي چوان ٿو ته جيڪا راند توهان کيڏي رهيا آهيو هاڻ بند ڪيو، عمران خان آرمي چيف جي مقرري کي سياسي مقصدن لاءِ استعمال ڪرڻ چاهي ٿو، آرمي چيف جي مقرري تائين کيس تماشو بند ڪرڻ گهرجي، خان صاحب اهو فيصلو ٿيڻ ڏيو.
بلاول ڀٽو زرداري چيو ته آرمي چيف جي مقرري جو عمل مڪمل ٿيڻ سان عمران خان جهڙن گهڻن ماڻهن جي سياست ختم ٿي ويندي، جنهن کي روڪڻ لاءِ هو پنهنجي آخري ڪوشش ڪري رهيو آهي.
صدر عارف علوي بابت ڳالهائيندي پ پ چيئرمين چيو ته کانئس امتحان ورتو هيوسين، بي اعتمادي وقت هن غير آئيني ڪم ڪندي اسيمبلي ٽوڙائڻ جي ڪوشش ڪئي هئي، اميد آهي ته هن ڀيري آئين ۽ قانون تحت سڀ ڪجهه ٿيندو، صدر عارف علوي وٽ هي آخري موقعو آهي، جيڪڏهن هن گڙٻڙ جي ڪوشش ڪئي ته کيس نتيجا ڀوڳڻا پوندا، هن جو امتحان آهي ته هو عمران خان سان گڏ آهي يا آئين سان؟

Follow by Email
YouTube
YouTube