اسلام آباد يونيورسٽي ۾ سنڌي شاگردن تي تشدد خلاف گهوٽڪي ۾ احتجاج

گهوٽڪي( ڊ ر) اسلامڪ انٽرنيشنل يونيورسٽي اسلام آباد ۾ سنڌي شاگردن مٿان حملو ڪري زخمي ڪندڙ ۽ سنڌي شاگردن کي حراسان ڪرڻ خلاف سنڌي شاگردن، مهراڻ اسٽوڊنٽ ايسوسيئيشن، ايس ٽي پي، قومي عوامي تحريڪ ۽ پي ايس ايف سنڌ سميت اسٽيپ فائونڊيشن يوٿ سنڌ جي اڳواڻن سنڌ پرستن جو سماجي رابطن واري ويب سائيٽ تي احتجاج جاري،
هزارن جي تعداد ۾ ماڻهن سوشل ميڊيا تي سنڌي شاگردن جي حمايت حاصل ، سنڌي شاگردن جي حقن لاء احتجاج ٽويٽر ٽرينڊ ٽاپ بڻيل. ظهور ميمڻ،مهدي بجاراڻي، مجيب الله پنهوار،عثمان سومرو،رضوان عباسي،ثناءالله جوڻيجو،نويد کوسو، شيراز اُڄڻ ۽ ٻين سميت سنڌي شاگردن پنهنجي بيان ۾ چيو آهي
ته سنڌي شاگردن کي اسلام آباد ۾ اسلامي جميعت طلبه جي اڳواڻن سنڌي شاگردن تي حملو ڪري سخت رخمي ڪيو آهي ۽ جوابدارن فرخ افضل اظهار الحق سميت صلاح دين باچا تي ايف آئي آر درج ٿيل آهي ۽ هو يونيورسٽي اندر سرعام دهشتگردي پڻ ڪن ٿا پر اسلام آباد پوليس اڃا تائين جوابدار گرفتار ناهي ڪري سگهي جيڪڏهن اسلام آباد پوليس جوابدارن کي گرفتار نه ڪيا ته اسين سنڌ سميت پوري ملڪ ۾ احتجاجي تحريڪ هلائينداسي.