دادو ۾ پي ٽي آءِ سينيٽر محمد اعظم سواتي مٿان ڪيس داخل

دادو(رپورٽ: آصف علي پنهور)دادو ۾ پي ٽي آءِ سينيٽر محمد اعظم سواتي مٿان دادو ۾ ڪيس داخل، دادو واسي نوجوان جاويد زنئور جي فرياد تي دادو اي سيڪش ٿاڻي تي گناھ نمبر 298/2022 تحت ڪيس داخل ڪيو ويو آهي،
داخل ٿيل ڪيس ۾ فريادي ڄاڻايو آھي تہ سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي پي ٽي آءِ سينيٽر اعظم سواتي حاضر سروس پاڪ فوج جي آفيسرن ۽ ملڪي دفاع وارن ادارن خلاف نازيبا لفظ استعمال ڪري لکين محب وطن پاڪستانين جي دل آزاري ڪئي آھي.
ملڪ ۽ پاڪ فوج سان محبت ھجڻ خاطر دادو اي سيڪشن ٿاڻي پھچي پي ٽي آءِ سينيٽر اعظم سواتي خلاف ڪيس داخل ڪرايو آهي،