October 4, 2023

سانگهڙ ڳوٺ ڪريم داد جوڻيجو جي ٻوڏ متاثرن جو مالي سهائتا نه ٿيڻ خلاف احتجاج

سانگهڙ( رپورٽ: منظر حيدري ) سانگهڙ جي يو سي ڍورو جانب جي ڳوٺ ڪريم داد جوڻيجو ”نئون ڪوٽ“۾ ٻوڏ متاثر ڳوٺاڻن مالي سهائتا نه ٿيڻ خلاف احتجاجي مظاهروڪيو.ان موقعي تي رضا محمد بوزدار، اياز جوڻيجو، عزير جوڻيجو، منير جوڻيجو، عرس جوڻيجو، ڪامريڊ عيدل شر ۽ ٻين جو چوڻ ھو ته برسات جي پاڻي سبب ڳوٺ ڍنڍ ۾ تبديل ٿي ويا، مال مري ويو،

ڪکاوان توڙي ڪچا گهر ڊهي پٽ پئجي ويا اسان روڊن ٿي دربدر ٿيا سون اسان جا ڪکاوان توڙي ڪچا گهر ڊهي پٽ پئجي ويا آھن. پر اسان وٽ اڃا تائين ڪنهن به پارٽي يا ضلعي انتظاميه پاران لڙي نه آيو آهي نه ئي ڪنهن مالي سهائتا ڪئي آھي اڄ تائين ضلعي انتظاميه توڙي چونڊيل نمائندن نظر ڦيرائي نه ڏٺو آھي.

چونڊيل نمائندن توڙي ڊي سي سانگهڙ کان مطالبو ڪيو آھي ته اسان جي مالي سهائتا ڪري پريشاني دور ڪئي وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

Follow by Email
YouTube
YouTube