قاضي احمد ۾ جيالن جو تعلقي صدر خلاف ٻانهن تي ڪاريون پٽيون ٻڌي احتجاج

قاضي احمد (رپورٽ: اشفاق احمد راجپوت ) قاضي احمد ۾ پاڪستان پيپلزپارٽي جي ڪارڪنن ۽ جيالن پاران اڳوڻي ضلعي ميمبر مير عمران جمالي.حبيب الله رند.ڌڻي بخش کوسو.علي احمد ڏاھري.ويسم کوسو.ساجد اوٺو.وسيم خاصخيلي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پ پ جي تعلقي قاضي احمد جي صدر خلاف ٻانھن تي ڪاريون پٽيون ٻڌي سماٽ سي اين جي کان تعلقي پريس ڪلب قاضي احمد تائين احتجاجي ريلي ڪڍي
مظاھرو ڪيو ۽ سخت نعريبازي ڪئي آھي .ان موقعي تي اڳواڻن ڳالھائيندي الزام ھڻندي چيو ته پ پ تعلقي صدر قاضي احمد عبدالنبي جمالي پاڪستان پيپلزپارٽي جي ڪارڪن. ورڪرن ۽ جيالن کي نظرانداز ڪري رھيو آھي ۽ ساڻن ذيادتون ۽ ناانصافيون ڪري رھيو آھي
جيڪڏھن ڪو ورڪر کيس حق سچ چوي ۽ لکي ٿو ته ان کي پوليس ھٿان گرفتار ڪرائي ٿو ھنن چيو ته تعلقي صدر پھريان جسقم ۾ رھي چڪو آھي ۽ ھن جسقم کي ڇڏي پ پ ۾ شامل ٿي تعلقي صدر ٿيو آھي
ھنن چيو ته ڪجھ ڏينھن اڳ پ پ جي سرگرم جاکوڙي ورڪر حبيب الله ۽ ٻين کي بناجواز پوليس ھٿان گرفتار ڪرائي کين حراسان ڪيو ۽ ڌمڪيون ڏنيون. ھنن پ پ جي اعلي ا قيادت کان گھر ڪندي مطالبو ڪيو ته پ پ قاضي احمد جي تعلقي صدر عبدالنبي جمالي کي جلد ھٽايو وڃي ۽ جيالن ۽ ورڪرن ۾ پيدا ٿيل بي چيني ختم ڪئي وڃي ۽ انصاف ڪيو وڃي .
ٻي صورت ۾ تعلقي صدر کي ھٽائڻ لاء سخت احتجاج ڪيو ويندو ۽ ڀرپور تحريڪ ھلائي ويندي. ۽ 30 نومبر تي يوم تاسيس واري ڏينھن ڪارا جھنڊا کڻي سخت احتجاج ڪيو ويندو.