مٽياري ۾ نوجوان ناري رابعه چانڊيو پاران مڙس جي ظلمن خلاف دانهيو

مٽياري (ڊ ر) هالا جي ريلوي ڪالوني جي رهواسڻ نوجوان ناري رابعه چانڊيو مڙس جي ظلمن کان تنگ ٿي پريس ڪلب هالا پهچي وئي جتي هن پنهنجي مڙس بلاول چانڊيو جي ظلمن خلاف دانهيندي چيو ته ٻه سال اڳ مائٽن جي رضامندي سان بلاول چانڊيو سان شادي ڪئي، شادي بعد مڙس گهر جو خرچ وغيره ڏيڻ بند ڪري ڇڏيو
جڏهن ته خرچ گهرڻ تي تشدد ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو، هن چيو ته مڙس جي ظلم کان تنگ ٿي سنڌو درياءُ ۾ خودڪشي ڪرڻ لاءِ ٽپو ڏنو پر اتي موجود ماڻهن بچائي ورتو ،
هن چيو ته مڙس موالي آهي جيڪو نشي جو عادي بڻجي چڪو آهي، نشو پورو نه ٿيڻ ڪري منهنجي مٿان بي رحماڻو تشدد ڪري ٿو، هن چيو ته منهنجي مڙس بلاول جي مائيٽياڻي زرينه چانڊيو جسم فروشي جو ڪاروبار ڪندي آهي
ان ڪري منهنجو مڙس به مون کي ان وٽ بدپيشو ڪرائڻ تي مجبور ڪري ٿو جيڪا ڳالهه مون کي پسند ڪونهي جنهن جي ڪري آئون پنهنجي مرضي مطابق مڙس جو گهر ڇڏي پنهنجي وڏي ڀيڻ وٽ هلي آيس، هن چيو ته منهنجو مڙس موالي ۽ لوفر قسم جو ماڻهو آهي
جيڪو مون کي ۽ منهنجي مائٽن کي ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائڻ ۽ جان کان مارڻ جون ڌمڪيون ڏيندو رهي ٿو، هن آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ، ڊي آءِ جي حيدرآباد پير محمد شاهه، ايس ايس پي مٽياري ڪليم ملڪ ۽ ٻين اعلى اختيارين کان پرزور مطالبو ڪيو ته موالي مڙس مان جان ڇڏائي تحفظ فراهم ڪيو وڃي،