October 4, 2023

پ پ جي يوم تاسيس ، سھراب ڳوٺ ٽائون ۾ جنرل ورڪر اجلاس لالا عبدالرحيم خان ،عالم خان بروھي. سرور خان غازي، سلطان بليدي شرڪت ڪئي

گلشن اقبال (ن نجات) نشتر پارڪ تي رٿيل پروگرام جي دعوت ڏيڻ لاء پاڪستان پيپلز پارٽي ضلعي اوڀر جي اڳواڻ.لالا عبدالرحيم خان سينيئر رھنماعالم خان بروھي. سرور خان غازي چوڌري فاروق. عمران بروھي. سلطان بليدي .نائب صدر ليڊيز ونگ زاھدہ خاصخيلي شاھدہ ڀٽو. لبنا نديم. سميت سون جي تعداد ۾ مردن عورتن ٻارڙن شرڪت ڪئي

ان موقعي تي پيپلز پارٽي رھنما لالا عبدالرحيم صحافين سان ڳالهائيندي چيوته پاڪستان پيپلزپارٽي عوامي جھموري پارٽي آھي ٽيھ نومبر تي پارٽي جو 55 ھون جنم ڏينهن آهي ۽ ھن مرتبه چيئرمين طرفان ڪراچي ۾ ملھائي رھيا آھيون

پوري پاڪستان کان جيالا ايندا اسان جي خوشنصيبي آهي جو پوري انتظاميا اوڀر ضلعي جي سھراب ٽائون جي حوالي ڪئي وئي آھي.جنھن ۾ ضلعي اوڀر جي سھراب ڳوٽ ٽائون جي سڀني يوسين جي ٽڪيٽ ھولڊرن سميت وڏي انگ ۾جيالن شرڪت ڪئي.يوسين جي ذميوارن اولھ پريس ڪلب جي صحافين سان ڳالهائيندي چيوته جنرل ضياءَالحق ايم آرڊي تحريڪ ۾ اسان جي وڏڙن تي ظلم ڪيا سندن جسمن تي ڪوڙا هنياويا ڪيترائي وقت جا فرعون پاڪستان پيپلز پارٽيءَ کي ختم ڪرڻ لاء پنھنجا وس ھلائي رھيا آھن

ھي پارٽي شھيدن جي پارٽي آھي ھن پارٽي ۾ سوين جيالن پنھنجي جانين جا نذرانا ڏئي شھيد ٿي ويا پر اسان انھن سڀني کي ٻڌائڻ ٿا چاهيون ته اڄ به اسان ڪنھن جابر ظالم کان ڊڄون ڪونه ٿا اسان ھرحال ۾ پنھنجي پارٽي سان گڏ آھيون

Follow by Email
YouTube
YouTube