October 4, 2023

ڪراچي ميگھواڙ مزدور ڪميٽي پاران لاسي ڳوٺ ۾ گڏجاڻي

گڏاپ (ن نجات )ڪراچي ميگھواڙ مزدور ڪميٽي پاران ھمير ھائوس لاسي ڳوٺ ۾ گڏجاڻي ٿي گذري گڏجاڻي ۾ مختلف معاملن سمیت نيو ڪراچي ست نمبر کان گڏاپ پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي سنڌي ثقافتي ڏيھاڙو ملهائڻ جو عزم ڪيو ويو

گڏجاڻي ۾ ميگھواڙ مزورر ڪميٽي جي اڳوڻن ۽ برادري جي معززن جي شرڪتاڳواڻن ۾ جئيرام پڙھيار سائين ھميرجي پونئڙ روپو جي ھينگڙو ڀيمون مل زھداباد ڀيمون مل 78 موري فقيرو مل 78 موري ٿيرت داس فلاڏيون ھيمراج ٽالپرا ۽ دانش ميگھواڙ ۽ ٻين معززين شرڪت ڪئي ان موقعي تي چيو ته سنڌ ڌرتي جي هزاران سال پراڻي ثقافتي تاريخ آھي،

سنڌي قوم جيڪا هر صديءَ ۾ پنهنجي دل ۽ جان سان مان ۽ مرتبو ڏئي ان جو تحفظ ڪندي پئي اچي ۽ اڄ جي جديد سنڌ ۾ به سنڌ جو عوام 4 ڊسمبر تي ثقافتي ڏهاڙو ملهائي اهو ثابت ڪندو ته هو پنهنجي تهذيب کي برقرار رکڻ لاءِ وسان ڪو نه گهٽائيندا 4 ڊسمبر جو ڏينهن سنڌ جي عوام لاءِ وڏي اهميت وارو ڏينهن آهي، ڇو جو سنڌ جا ماڻهو، ٻار ٻچا پوڙها پڪا نوجوان ۽ ناريون پنهنجي جذبي سان ثقافتي سرگرمين ۾ حصو وٺي رهيا آهن،

هنن چيو ته سنڌ جي تاريخ، تهذيب، تمدن ۽ ثقافت هزارين سال پراڻي آهي، ان کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ اسان سڀني جي اولين ترجيح آهي. دنيا جون مهذب ۽ عظيم قومون پنهنجي تهذيب ۽ ثقافت تي شان ڪنديون آهن ۽ جيڪڏهن ڪنهن قوم يا گروهه پنهنجي تهذيب کي ڇڏي ڪنهن ٻئي جي تهذيب ۽ ثقافت کي اپنايو ته اهي ڪيترن ئي مسئلن جو شڪار ٿي ويا آهن،

ان موقعي تي سنڌ جي عوام پاران 4 ڊسمبر تي يوم ثقافت جو ڏهاڙي تي نئين ڪراچي ست نمبر کان گڏاپ پريس ڪلب ڪراچي لاسي ڳوٺ تائين شاندار ,,محبت سنڌ جي عنوان سان ريلي ڪڍي ويندي

Follow by Email
YouTube
YouTube