October 4, 2023

گورنمنٽ پرائمري اسڪول پيربخش سولنگي اسڪول اڳيان گندو پاڻي بيهڻ خلاف مظاهرو

دادو(رپورٽ: آصف علي پنهور) گورنمنٽ پرائمري اسڪول پيربخش سولنگي اسڪول اڳيان گندو پاڻي بيهڻ خلاف هيڊ ماستر محمد عرس قمبراڻي، سماجي ورڪر گل شير سولنگي، شاگردن امتياز گوپانگ، عبدالباري سولنگي، جنيد سولنگي، شبانه ملاح، صمد ملاح ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته مسلسل هڪ هفتي کان ائڊمنسٽريٽر ميونسپل ڪاميٽي دادو جاويد راهپوٽو، چيف ميونسپل آفيسر اياز پنھور، نالا گئنگ انچارج علاؤالدين منگي صرف صفائي ڪرائڻ جا دلاسا ڏئي رھيا آھن،

عملي ڪم ڪرڻ لاءِ تيار نہ آھن، ڪيترائي دفعا ٻار ۽ استاد نالي ۾ ڪري پيا آهن ڪيترائي ڀيرا درخواستون ڏنيون آهن پر ڪو به عمل نه ٿو ڪيو وڃي، ٻئي طرف ڳوٺاڻن غلام حيدر سولنگي، اعجاز حسين سولنگي ۽ ٻين وڌيڪ ٻڌايو ته ايم پي اي دادو پير مجيب الحق به ائڊ منسٽريٽر جاويد راهپوٽو ۽ چيف ميونسپل آفيسر اياز پهنور کي فون ڪري صفائي ڪرڻ جو چيو مگر ان جي چوڻ کي به آفيسرن هوا ۾ اڏائي ڇڏيو،

گندگي ۽ گندي پاڻي بيهڻ ڪري مختلف بيماريون ۽ ڊينگي وائرس ڦهلجڻ جو خطرو آهي، هيڊ ماستر ۽ ڳوٺاڻن چيو ته 24 ڪلاڪن اندر گندو پاڻي نه ڪڍرايو ويو ۽ صفائي نه ڪرائي وئي ته سيشن ڪورٽ ۾ پٽيشن داخل ڪئي ويندي،

Follow by Email
YouTube
YouTube