اي سي ۽ ايڊمنسٽريٽر گهوٽڪي پاران شهر جي مختلف علائقن جو دورو

گهوٽڪي(رپورث : جميل مھر) اسسٽنٽ ڪمشنر ۽ ايڊمنسٽريٽر ميونسپل ڪميٽي گهوٽڪي رانا محسن امتياز، سينٽري انچارج ممتاز مهر سان گڏ شهر جي مختلف علائقن جو دورو ڪيو ۽ صفائي سٿرائي سميت سيوريج لائينن جي ڊي سلٽنگ جي ڪم جو معائنو ڪيو. سي ايم او کي صفائي واري نظام کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ جي هدايت خبر موجب اسسٽنٽ ڪمشنر ۽ ايڊمنسٽريٽر ميونسپل ڪميٽي گهوٽڪي رانا محسن امتياز، سينٽري انچارج ممتاز مهر سان گڏ شهر جي مختلف علائقن وارڊ نمبر 7 ۽ وارڊ نمبر 9 جي مهراڻ ڪالوني، پراڻي سبزي منڊي روڊ، ٽنڊو بلند خان پٺاڻ، رحموالي روڊ جو اوچتو دورو ڪيو ۽ صفائي عملي جي طرفان سيوريج لائينن جي ڊي سلٽنگ سميت صفائي واري ڪم جو معائنو ڪيو. صفائي عملي جي ڪارڪردگي تي اطمينان جو اظهار ڪندي سي ايم او گهوٽڪي قمر زمان انڍھڙ کي صفائي جي نظام کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ جي هدايت ڪئي ان موقعي تي اسسٽنٽ ڪمشنر ۽ ايڊمنسٽريٽر ميونسپل ڪميٽي رانا محسن امتياز ميونسپل عملي کي روزاني جي بنياد تي صفائي سٿرائي کي يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪندي چيو ته صفائي جي حوالي سان ڪنهن به قسم جي غفلت کي برداشت نه ڪيو ويندو. شهرين کي به گهرجي ته شهر کي صاف سٿرو رکڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن ۽ ڪچرو ڪليڪشن پوائنٽس تي اڇلائن هن چيو ته سيوريج لائينن جي صفائي دوران پلاسٽڪ جون بوتلون، ڪچرو، بلڊنگ مٽيريل جو سامان ۽ ٻيون شيون نڪري رھيون آهن جيڪو سيوريج لائن کي بلاڪ ڪري ٿو، تنهن ڪري سڀني کي گهرجي ته شهر جي صفائي سٿرائي جي بهتري لاءِ ميونسپل عملي سان تعاون ڪن. هن چيو ته ميونسپل سروسز سميت ٻين سهولتن جي فراهمي لاءِ سمورا وسيلا ڪتب آڻي رهيا آهيون، گهٽين جي نالين جي صفائي ۽ نالن جي ڊي سلٽنگ جو ڪم ڪيو پيو وڃي. ته جيئن گندگي سبب شهرين کي پيش ايندڙ مشڪلاتن کي فوري طور تي ختم ڪري سگهجي.