October 4, 2023

خيرپور ۾ ٻوڏ متاثرن جو چونڊيل نمائندن خلاف احتجاجي مظاھرو

خيرپور(رپورٽ: عامر عباسي) خيرپور ۾ ٻوڏ متاثرن جو احتجاج، منتخب اڳواڻن کي ڳوٺ جو رستو ڳولي ڏيو، ڳوٺاڻا، خيرپور ڀرسان ڳوٺ حق نواز رند يوسي بگرو جي رھواسين جو ضلعي ڪائونسل ميمبر علي شير مڪول خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو مظاهرين گل حسن رند، علي شير رند،حق نواز ،ارشد رند ء ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو چونڊيل نمائندو علي شير مڪول پنھنجا گھر ڀريا آھن چوماسي برساتن سبب اسان جا گھر ڪري پيا آھن زمين ۾ گاھ نه ھئڻ سبب جانور مري ويا آھن بيمارين جنم ورتو آھي اسان ڏي ڪو به سياسي اڳواڻ يا منتخب نمائندو لڙي نه آيو آهي حڪومت گھرن جي سروي پئي ڪري اسان جي گھرن جي سروي پڻ نه ٿي سگھي آھي ٻئي پاسي راشن ترپال ۽ ٻيو سامان کان محروم رکيو ويو زمين جي في ايڪڙ تحت حڪومت فارم ڪيا اسان ڏي چونڊيل نمائندو علي شير مڪول کان اسان جي ڳوٺ جو رستو وسري ويو آھي اسان پي پي کي ڪڏھن به مايوس ناھي ڪيو پر افسوس آھي نفيسه شاهه مٿان جو اھڙا نمائندا مقرر ڪري عوام کي عزار ۾ وڌو ٿو وڃي اسان قائم علي شاهه ۽ نفيسه شاهه وس وارن کان مطالبو ٿا ڪريون جلد کان اسان جا جائز مطالبا حل ڪيا وڃن.

Follow by Email
YouTube
YouTube