October 4, 2023

سنڌ حڪومت پاران سستي اٽي جو وڪرو غريبن لاءِ خواب بڻيل،ڇاڇرو ۾ آيل هڪ ٽرڪ پويان عوام جون ڊوڙون

ڇاڇرو (رپورٽ: آر بي گجو) ڇاڇرو ۾ سنڌ سرڪار جي اعلانيل اسٽال خوراڪ کاتي جي جاري ڪيل سستو اٽو اسٽال بي لاڀ ثابت هيوي ٽرڪ اٽي جا ساڍا ڇهه سوء بيگ کڻي پهتي ته هزارين شهري دنگ رهجي ويا ٽرڪ جي پويان مزدورن جون ڊوڙون لڳي ويون ڪنهن کي هڪ بيگ ملي ته ڪيترائي شهري سستو اٽو وٺڻ کان رهجي ويا جتي ڏه هزار آبادي وارو شهر ۾ قسمتي ملندڙ سستو اٽي عوام کي ويتر عذاب ۾ وجهي ڇڏيو اوپن مارڪيٽ ۾ چار هزارن کان پنجيتاليهه سوء رپيا وڪرو جاري چڪي مالڪن کي مليل ڪڻڪ مبينا طور تي هڙپ ٿيڻ جو انڪشاف ڪيترن ئي پٿرن تي سستي ڪڻڪ عوام کي ملي نه سگهي خوراڪ کاتي ۽ ضلعي انتظامیہ عوام کي فائدو ڏيڻ جي بجاءِ انگ اکر پورا ڪرڻ ۾ مصروف شهرين جو چوڻ آهي ته نئون ڪوٽ فلورملز کان خوراڪ کاتي جي ايندڙ ٽرڪ ۾ صرف 650 ڏه ڪلو جا بيگ هئا جيڪو عوام سان سراسري مزاڪ ڪيو پيو وڃي ڏه هزار آبادي رکندڙ شهر آهي ۽ ڇاڇرو شهر کي چار تعلقه لڳن ٿا جتي ٻهراڙيء جي هزارين ڳوٺن جي روزانه آمدرفت هئڻ ڪري لکين ماڻهو بي يارو مددگار آهن جتي ڪيترائي مسڪين ماڻهو بک وگهي خدڪشيون ڪرڻ تي مجبور بڻيل آهن سنڌ سرڪار اسٽال مافيائن ۽ چڪي ملي مافيائن کان بچائي ڳاٽي ٽوڙ مهنگائي جيئن جنجال ڪري ڇڏيو آهي نوٽيس ورتو وڃي شهرين وڌيڪ چيو ته سرڪاري ريٽ تي ملندڙ سستي اٽي جو اسٽال مافيائون بند ڪري اوپن مارڪيٽ جي ريٽ تي سستي ڪڻڪ ڏني وڃي جيئن عوام کي فائدو پهچي سگهي،

Follow by Email
YouTube
YouTube