October 4, 2023

عدالپور لڳ ھائير سيڪنڊري اسڪول صالح مھر ۾ ثقافتي تقريب سينئر استاد عبدالله مھر جي اڳواڻي ۾ ثقافتي تقريب منعقد ڪئي وئي

عادلپور (رپورٽ : محمد يونس مھر) پنهجي ثقافت سان محبت جو اظھار ڪري دنيا تائين پنهنجي ثقافت کي اجاگر ڪرڻ جي حوالي سان جان محمدسوسائٽي ويجھو گورنمينٽ ھائير سيڪنڊري اسڪول صالح مھر ۾ سنڌ جي ثقافت جي عنوان ھيٺ سينئر استاد عبدالله مھر جي صدارت ھيٺ شاندار ثقافتي تقريب منعقد ڪئي وئي جنهن ۾ اسڪول جي ٻارڙن ثقافتي ويس وڳا ٽوپيون اجرڪ پائي تقريرن،ٽيبلوز،خاڪن پيش ڪري قومي گيتن تي رقص ڪري پنهنجي عظيم ثقافت کي ڀيٽا پيش ڪئي وئي تقريب جو مھمان خاص سياسي سماجي اڳواڻ اڪبر خان مھر جن ھئا جڏھن ته اعزازي مھمان۾ صحافي اسلم مھر صحافي امجد ڪلوڙ صحافي حليم مھر استاد غلام حسين مھر استاد بشير احمد مھر استاد نواب علي استاد منظور احمد استاد سردار بخش استاد عثمان علي عابد مھر ۽ ٻين تعليمدانن سماجي ورڪرن صحافين، والدين ۽ شاگردن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي مقررين پنھنجي خيالن جو اظھار ڪندي چيو ته سنڌ ھزارين سالن کان پنھنجي تاريخ سڃاڻپ وجود ۽ ثقافت کي سانڊيو پئي اچي ثقافتي ڏھاڙي کي سنڌ جي تاريخ ۾ ھڪ يادگار ڏينھن طور ياد رکيو ويندو مھمانن وڌيڪ ڳالھائيندي چيو ته ھن پروگرام ۾ موجود ٻارڙن جيڪي تقريرون ڪيون آھن اھي ڳالھيون وڏين يونيورسٽي ۾ ڳالھيون ڪيون وينديون آھن .ھتان جي شاگردن ۽ شاگردياڻين ۾ موجود ٽئلنٽ ڏسي پڪ ٿي پئي آھي ته سنڌ جو مستقبل روشن آھي اسان جي سنڌ جو ٻار تعليم جي ميدان پٺتي ناھي ھنن چيو ته ھن اسڪول سميت سنڌ جي اسڪولن کي سھولتون فراھم ڪيون وڃن ھنن وڌيڪ ڳالھائيندي چيو سنڌي ماڻھو محبت پيار پريت ۽ لطيف سرڪار جا پيروڪار آھن اسان جي سنڌي قوم ھزارين سال قديم آھي ۽ اسان ثقافت سان بيحد پيار ڪيون ٿا.جڏھن ته پوزيشن کڻندڙن شاگردن ۽ کي انعام طور شيلڊ ۽ سرٽيفڪيٽ ڏنا ويا

Follow by Email
YouTube
YouTube