October 4, 2023

مورو ۾ يو سي صالحور جي ڳوٺاڻن جو يو سي ۾ ٻاهريان استاد مقرر ڪرڻ خلاف احتجاج

مورو (رپورٽ: رياض حسين عالماڻي ) تعلقي مورو جي يوسي صالحپور جي ڳوٺاڻن پاران اسڪول ۾ ٻاھرين يوسي کان استاد مقرر ڪرڻ ۽ مقامي استاد کي ٻي يوسي ۾ موڪلڻ واري عمل خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو جنھن جي اڳواڻي عبدالرحيم ملڪ، فدا حسين ملڪ، دانش ملڪ، عادل، راشد، راشد ملڪ ۽ ٻيا ڪري رھيا ھئا، جتي ھنن چيو تہ اسان جي يوسي ۾ ھائير سيڪنڊري ڪيمپس اسڪول ۾ تعليم کاتي طرفان ٻاھرين يوسي کان استاد کي مقرر ڪيو ويو آهي جيڪو ليٽ سان پھچي ٿو جنھن ڪري اسان جي معصوم ٻارڙن جي تعليم متاثر ٿي رھي آھي جڏھن تہ يوسي جي استاد کي ٻي يوسي ۾ موڪلي ڇڏيو آھي جيڪا سراسر ناانصافي آهي ھنن وس وارن کان مطالبو ڪيو تہ تعليم کاتي ضلعي نوشهرو فيروز جي عملدارن جي اھڙي عمل جو نوٽيس وٺي يوسي جي ھائير سيڪنڊري اسڪول ڪيمپس ۾ يوسي جو مقامي استاد مقرر ڪري معصوم ٻارڙن کي تعليم کان محروم ٿيڻ کان بچايو وڃي ٻي صورت سخت احتجاج ڪيو ويندو. ھن احتجاج ۾ ايڇ آر يو ايف پي جي اڳواڻن پڻ شرڪت ڪئي.

Follow by Email
YouTube
YouTube