ميهڙ ۾ قتل ٿيل سعيد شيخ جا قاتل گرفتار نه ٿيا،شيخ برادري پاران تحريڪ جو چتاءُ

ميھڙ ( رپورٽ: دربان کوکر ) شيخ جماعت جو ڪنوينئر علي انور شيخ سندس ڀاء نصير احمد شيخ .ايوب شيخ .رفيق شيخ .محمد خان شيخ گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته گذريل رات ڦورن هٿان قتل ٿي ويل سنڌ بينڪ جي ڪيشر سعيد شيخ جي قتل ڪيس جا جوابدار اڃان تائين گرفتار ناهين ٿي سگهيا سعيد شيخ جا قاتل گرفتار نه ٿيا ته شيخ جماعت پاران 8 ڊسمبر تي احتجاجي تحريڪ هلائي ويندي شٽربند هڙتال سان گڏ احتجاجي مظاهرا ۽ بک هڙتال ڪئي ويندي. اڳواڻن وڌيڪ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته پوليس امن امان قائم ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي چڪي آهي هتان جا چونڊيل نمائينده بيوس بڻيل آهن شريف شهري ميھڙ مان لڏ پلاڻ تي مجبور ٿي چڪا آهن شهرين کي ڪو به تحفظ فراهم ڪونهي ڪو، هنن چيو ته ٽي نياڻيون سعيد شيخ جون يتيم ٿي چڪيون آهن هڪ طرف ٻوڏ عوام کي تباه ڪيو آهي اسان غريب مسڪين شريف ماڻھو آهيون اسان جي ڪنهن سان به دشمني ڪونهي ڪا اسان سان انصاف ڪيو وڃي صرف خون جو حساب وٺي ڏنو وڃي هنن چيو ته قاتلن کي گرفتار ڪري ڪيفر ڪردار تائين پهچايو وڃي..