October 4, 2023

پيپلز پارٽي هميشه ميڊيا ۽ صحافين جي بهتري لاءِ پاليسون جوڙيون آهن: شرجيل انعام ميمڻ

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) اطلاعات واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ حيدرآباد پريس ڪلب جي عهديدارن کي سالياني 2 ڪروڙ 50 لک روپين جي گرانٽ جو چيڪ ڏئي ڇڏيو. صوبائي وزير حيدرآباد پريس ڪلب جي صحافين جي ڪالوني جي زمين جي ٽيڪس جي ادائيگي لاءِ پڻ کين 1 ڪروڙ 15 لک روپين جي امدادي چيڪ پيش ڪيو. حيدرآباد پريس ڪلب جي صدر لالا رحمان سمون، جنرل سيڪريٽري حميد الرحمان ۽ سينيئر صحافي علي حسن چيڪس وصول ڪيا. ان موقعي تي اطلاعات کاتي جو سيڪريٽري عمران عطا سومرو، ڊائريڪٽر ايڊمن محمد يوسف ڪابور ۽ ريجنل ڊائريڪٽر انفارميشن حيدرآباد سوائي خان ڇلگري پڻ موجود هئا. ھوڏانھن اطلاعات واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ سکر، ميرپور خاص پريس ڪلبن ۽ سکر يونين آف جرنلسٽس کي سنڌ حڪومت پاران سالياني گرانٽس جا چيڪ ڏئي ڇڏيا. سکر پريس ڪلب کي 5 ملين روپيا، ميرپورخاص پريس ڪلب کي 5 ملين روپيا ۽ انڊومينٽ فنڊ مان سکر يونين آف جرنلسٽس کي پڻ 5 ملين روپين جو چيڪ پيش ڪيو. سکر پريس ڪلب ۽ سکر يونين آف جرنلسٽس جو چيڪ پي ايف يو جي فنانس سيڪريٽري لالا اسد پٺاڻ، صدر ايس يو جي سليم سهتو ۽ پريس ڪلب جي صدر شهزاد تاباني وصول ڪيا. جڏھن تہ ، نظير پنهور صدر ميرپورخاص پريس ڪلب، عاطف بلوچ جنرل سيڪريٽري، شوڪت پنهور ۽ واحد پهلواني ميمبر گورننگ باڊي ميرپورخاص پريس ڪلب سالياني گرانٽ جو چيڪ وصول ڪيو. سنڌ جي اطلاعات کاتي جو سيڪريٽري عمران عطا سومرو، ڊائريڪٽر ايڊمن محمد يوسف ڪابورو، ريجنل ڊائريڪٽر انفارميشن ميرپورخاص حزب الله ميمڻ، ڊائريڪٽر پريس انفارميشن سيد حسن نقوي ۽ ٻيا ان موقعي تي موجود هئا. صوبائي وزير اطلاعات شرجيل انعام ميڻ چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي جي سنڌ حڪومت صوبي جي سمورن پريس ڪلبن ۾ سهولتن جي فراهمي لاءِ ڀرپور سهڪار ڪري رهي آهي. صحافين جي مسئلن جو حل سنڌ حڪومت جي ترجيح ۾ شامل آهي پريس ڪلبن کان علاوه صحافتي تنظيمن کي پڻ ڀرپور معاونت فراهم ڪري رهيا آهيون ته جيئن صحافين جي ڀلائيءَ جي ڪمن کي يقيني بڻائي سگهجي. چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جون خاص هدايتون آهن ته صحافين جا مسئلا حل ڪيا وڃن پاڪستان پيپلز پارٽي هميشه ميڊيا کي هٿي وٺرائڻ ۽ ميڊيا ورڪرن جي بهتري لاءِ پاليسون ڏنيون آهن.

Follow by Email
YouTube
YouTube