October 4, 2023

چمبڙ روڊ ڀرسان ترسيل متاثرن مٿان ڪمند جي ٽرالي ڪلٽي،ڳورهاري عورت سميت 2 نينگريون دٻيجي فوت

چمبڙ/ٽنڊوالهيار:(رپورٽ: سميع الله سني/ساگر لغاري) چمبڙ روڊ تي هائون کي ڏياريندڙ واقعو چار مھينا گذرڻ باوجود تعلقي چمبڙ ۾ ٻوڏ جو بيٺل پاڻي نيڪال نه ٿي سگھيو روڊ مٿان پناھ وٺي ترسيل مسڪين ماروئڙن مٿان ڪمند مان ڀريل ٽرڪ ڪلٽي، ڪولھي قبيلي جي بدنصيب 8 مهينن جيء ڳوهاري امڙ سميت سندس ٻه معصوم نياڻيون چڀاٽجي ٿڏي تي فوت ٿي ويون ھڪ نياڻي سخت زخمي چمبڙ جي ڳوٺ رام بستي مان ٻوڏ جو پاڻي نيڪال نه ٿي سگھيو روڊ ڪناري پناھ وٺي ويٺل چمبڙ ٽنڊوالھيار روڊ ڪراچي ھوٽل اسٽاپ لڳ ڳوٺ رام بستي ڪالوني واسي روڊ جي ڪناري تي پناھ وٺي ويٺل ٻوڏ متاثرين مٿان ڪمند سان ڀريل ٽرڪ ڪلٽي، بد نصيب ماء ٻن ٻارڙين سميت دٻجي فوت ٿي ويون جڏھن تہ ھڪ ٻارڙي سخت زخمي پورھيت منروپو ڪولھي جي گھرواري ۽ ٻہ نياڻيون ٿڏي تي فوت، سندن ئي ھڪ نياڻي سخت زخمي ٿي پئي جڏھن ته لاش کڻي اباڻي ڳوٺ وڃڻ لاء ايمبولنس نه ملي متاثر پنهنجيء مدد پاڻ لاش کڻائي ويا

Follow by Email
YouTube
YouTube