October 4, 2023

ڪراچي جي مقامي هوٽل ۾ پيس اينڊ ايجوڪيشن تربيتي ورڪشاب،صحافين کي آگاهي ڏني وئي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي مقامي ھوٽل ۾ امن ۽ تعليم فائونڊيشن پاران چار روزا پيس اينڊ ايجوڪيشن تربيتي ورڪشاب منعقد ڪيو ويو جنھن ۾ سنڌ ۽ بلوچستان جي مختلف شھرن ۽ ٻھراڙين جي پرنٽ اليڪٽرانڪ ۽ سوشل ميڊيا جي صحافين ۽ مختلف مڪتب فڪر جي ماڻھن شرڪت ڪئي جنھن ۾ ميڊياجي اخلاقيات ان جا اصول ضابطا ۽ سوشل ميڊيا تي ھلندڙ فيڪ خبرن جي خاتمي لاء ۽ ان جي ٿيندڙ ناڪاري اثرن بابت تفصيلي آگاھ ڪيو ان موقعي تي ناليوارن صحافين اويس رباني امجد شاھ منظور ڪامران امتياز فاران ورڪشاب جي آخري ڏينھن تي ٿيل تقريب کي خطاب ڪندي چيو تـ جيڪو اوھان ڪم ڪري رھيا آھيو اھو اسان سڀني جو ڪم آھي ھنن چيو تـ سوشل ميڊيا جا فائدا بـ آھن مگر ان جا نقصان تمام گھڻا آھن سوشل ميڊيا تي فيڪ خبرن جي ڪري معاشري تي تمام خراب اثر پيا آھن ھنن چيو تـ قلم کي جي تمام وڏي اھميت آھي جنھن صحيح طرح سان استعمال ڪرڻ گھرجي خوشامد واري ڪلچر کان ھٽي ڪري صحيح طرح سان پنھنجو صحافتي ذميواريون نڀائڻ گھرجن ھنن وڌيڪ چيو تـ تعليم ذريعي ئي معاشري اندر بھتري آڻي سگھجي ٿي پنھنجي قلم سان سچو رھڻ گھرجي خبر ۾ ڪا بـ خيانت نـ ڪرڻ گھرجي ان موقعي تي چار ڏينھن واري ٿيل تربيتي ورڪشاپ ۾ حصو وٺندڙن رچنا ڪماري ۽ٻين ۾ سرٽيفڪيٽ ورھايا ويا

Follow by Email
YouTube
YouTube