October 4, 2023

ھيلپ دي پوئر اسٽوڊنٽس آرگنائزيشن اوٻاوڙو ۾ ثقافتي تقريب عبدلاوهاب مهر ۽ سيد سخاوت بخاري جي نگراني ۾ تقريب ٿي

اوٻاوڙو ( رپورٽ: سيد سخاوت بخاري) سنڌ جي سهڻي ثقافت کي اجاگر ڪرڻ لاء اوٻاوڙو ۾ ھيلپ دي پوئر اسٽوڊنٽس آرگنائزيشن جي چيئرمين عبدالوھاب مھر مرڪزي صدر سيد سخاوت بخاري جي نگراني هيٺ شاھ لطيف پبلڪ اسڪول اوٻاوڙو شاندار تقريب منعقد ڪئي وئي جنهن ۾ استادن ۽ شاگردن وڏي انگ ۾ اجرڪ ٽوپي ۽ سنڌي ثقافتي ويس پهري شرڪت ڪئي، شاگردن ۽ شاگردياڻين ثقافت کي اجاگر ڪرڻ لاء بهترين نغمن تي خوب رڪس پيش ڪيا ، انهي موقعي تي مھمان خاص مير امان الله خان چاچڙ مير خان مھر ۽ اوٻاوڙو ميڊيا سينٽر جي چيئرمين سراج احمد مھر شرڪت ڪئي سيد سخاوت بخاري ميڊيا ڳالھائين چيو سنڌ جي ثقافت پنج هزار سال پراڻي آهي اسان کي پنهنجي ثقافت تي فخر آهي سنڌ عظيم ڌرتي آهي هي ثقافتي پروگرام ڪرڻ جو مقصد اهو آ ته اسان پنهنجي ايندڙ نسلن کي پنهنجي ثقافت جي لاءِ بيدار ڪيون ۽ آخر ۾ سنڌ جي خوشحالي ۽ ٻوڏ متاثرن جي بحالي لاء خصوصي دعائون گهريون ويون،

Follow by Email
YouTube
YouTube