اوٻاوڙو ڪجه ڏينھن اڳ ڏوهارين هٿان زخمي ٿيل پوليس اهلڪار فوت

اوٻاوڙو (رپورٽ: سيد سخاوت بخاري) اوٻاوڙو ڪجه ڏينھن اڳ ڏوهارين هٿان زخمي ٿيل پوليس اهلڪار فوت اوٻاوڙو ڀرسان 15 ڏينهن اڳ ريتي لئنڪ روڊ وٽ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ زخمي ٿيل نوجوان پوليس اهلڪار عبدالرزاق ملڪ زخمن جا سور نه سهندي رحيم يار خان جي اسپتال ۾ فوت ٿي ويو آهي
جڏهن ته ياد رهي ته ٻه هٿياربندن ڏهرڪي کان ڦر ڪري اچي رهيا هئا ته اوٻاوڙو پوليس جي ايگل گشت پوليس مقابلي دوران هٿياربندن جي فائرنگ ۾ زخمي ٿي پيو هو جيڪو رحيم يار اسپتال ۾ زير علاج هو اتي فوت ٿي ويو آهي
جڏهن ته ڪجهه ڏينهن پهرين اوٻاوڙو پوليس مقابلي دوران پوليس اهلڪار عبدالرزاق ملڪ کي زخمي ڪندڙ دلبر جکراڻي کي اوٻاوڙو پوليس مقابلي ۾مارجي ويو هو جڏهن ته شهيد اهلڪار جي ڀاءُ عبدالغفار ملڪ ٻڌايو ته منهنجو زخمي هو جيڪو زخمن جا سور نه سهندي شهيد ٿي ويو آهي پنهنجي ڀاءُ جي شهادت تي ڏک سان گڏ فخر آهي