October 4, 2023

راضيديرو جي ڪچو واسي 2 مقتولن جي وارثن جو جوابدارن جي گرفتاري لاءِ احتجاجي مظاهرو

راضيديرو(ن نجات) راضيديرو ڪچو جي ڳوٺ محمد عارف ڪلهوڙو واسين استاد محمد ملوق ڪلهوڙو، منظور علي ڪلهوڙو، علي حسن ڪلهوڙو، زاهد حسين، جواڻ ڪلهوڙو، محمد يعقوب ۽ ٻين پريس ڪلب راضيديرو اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪندي دانهيندي چيو آهي
20 ڏينهن اڳ خيرپور لاڙڪاڻو روڊ تي اسان جي 2 ماڻھن شهمير ڪلهوڙو ۽ محمد عمر ڪلهوڙو کي ڀتو نه ڏيڻ تان فائرنگ ڪري قتل ڪيو ويو هو. جنهن جو اي ٽي سي ڪيس لانڍيون ٿاڻي تي لطيف جتوئي وارن تي داخل ٿيل آهي.
پر 20 ڏينهن گذرڻ باوجود پوليس جوابدارن خلاف ڪوبه قدم ناهي کنيو. هنن چيو ته جوابدار روپوش ڏوهاري ماڻھو آهن، جيڪي اسان کي اڃابه وڌيڪ موتمار ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن، هنن مان اسان کي جاني ۽ مالي خطرو آهي.
هنن سپريم ڪورٽ، آءِ جي سنڌ، وزير اعليٰ سنڌ، ڊي آءِ جي سکر ۽ ايس ايس پي خيرپور کان پرزور مطالبو ڪيو آهي ته 2 مقتولن جا جوابدار گرفتار ڪري تحفظ ۽ انصاف فراهم ڪيو وڃي.

Follow by Email
YouTube
YouTube