سجاول: شيرازي هائوس سيدپور ۾ سيد شفاقت شاهه شيرازي جي صدارت هيٺ گڏجاڻي

سجاول رپوٽ وحيد احمد ميمڻ) شيرازي هائوس سيد پور ۾ مرحوم الحاج سيّد حاجي قادرڏنو شاھ شيرازي ۽ الحاج سيّد اعجاز علي شاھ شيرازي جي 10 ڊسمبر 2022 تي سالياني ورسي جي تيارين جي سلسلي ۾ اڄ شيرازي هائوس سيدپور ۾ پيپلزپارٽي جي سينيئر اڳواڻ سيّد شفقت حسين شاھ شيرازي,
پ پ پ ايم پي اي سيّد شاه حسين شاھ شيرازي پ پ پ اڳواڻ سيد نصير شاه شيرازي پ پ پ اڳواڻ سيد حاجي پاشا شاھ شيرازي جي اڳواڻي ۾ گڏجاڻي ٿي گذري گڏجاڻي ۾ شريڪ مختلف برادرين راڄن جي چڱن مُڙسن ۽ معزز شهرين سياسي سماجي شخصيتن کي سيّد شفقت حسين شاھ شيرازي دعوت ڏيندي
چيو ته 10 ڊسمبر 2022 ڇنڇر جي ڏينهن شيرازي هائوس ٺٽو تي مرحوم الحاج سيّد حاجي قادرڏنو شاھ شيرازي ۽ الحاج سيّد اعجاز علي شاھ شيرازي جي سالياني ورسي ۾ ڀرپور شرڪت ڪري مرحوم جي ايثال ثواب لاء دعا ۾ ضرور شريڪ ٿجو. جڏهن ته ان موقعي تي مختلف برادرين جا ٻيا معزز اڳوڻ پُڻ موجود هئا.