سجاول ۾ ووٽر جو عالمي ڏينهن جي موقعي تي اليڪشن ڪميشن ۾ تقريب

سجاول (ڊ ر) سجاول ۾ ووٽر جو عالمي ڏينهن جي موقعي تي اليڪشن ڪميشن ضلع سجاول طرفان گورنمنٽ بوائز ڊگري ڪاليج سجاول ۾ سيمينارمقرر ڪيوويو جنهن ۾ سجاول ضلع جي ڪل پالوليشن 7 لک کان وڌيڪ ٻڌائي وئي
جنهن ۾ رجسٽرڊ ووٽن جي تعداد 4 لکھ 8 ھزار آھي جنھن ۾ 2لکھ 25 ھزار 8 سئو مرد ۽ 1 لکھ 80 ھزار 300 سؤ عورتون شامل آھن ـ ووٽرن کي ڄاڻ ڏيڻ لاء گورنمنٽ بوائيز ڊگري ڪاليج سجاول ۾ ھڪ سيمينار منقعد ڪيو ويو
جنھن ۾ آئندھ ٿيڻ واري اليڪشن جي باري ۾ ڄاڻ ڏني وئي ـ ان موقعي تي ضلعي اليڪشن ڪميشن ڪمشنر خالد حسين لنڊ بوائز ڪاليج جي پرنسپل امجد جوکيو.ڊي اي او اسپورٽ اشرف شاعر.شهري ۽ ٻين سيمينار کي خطاب ڪندي چيو ته اليڪشن ڪميشن عام انتخابات جي لاء لسٽن کي ترتيب ڏيڻ شروع ڪري ڇڏي آھي ضلعي سجاول جي ووٽ داخلا جي لاء ھرتعلقي سطع تي فارم وصولي مرڪز قائم ڪري ڇڏياآھن ته جئين ماڻھون پنھنجي ويجھي مرڪز تي رابطو ڪري ووٽ جي داخلا ـ تبديلي يا درستگي جي لاء فارم وصول ڪري سگھن
انھي مرڪزتي جمع ڪرائي سگھن ۽ پنھنجي ووٽ جي معلومات حاصل ڪري سگھن ـ ڊسٽرڪ اليڪشن ڪميشن جي آفيس ۾ خصوصي طور تي قائم ڪيل سينٽرن تان به معلومات حاصل ڪري سگھندا ـ سيمينار ۾ شرڪت ڪندڙ سڀني شاگردن کي گھرجي ته ھو پنھنجي والدين جي ووٽ جي داخلا جي باري ۾ شناختي ڪارڊ جو نمبر 8300 تي ايس ايم ايس ڪري معلوم ڪن ۽ ووٽ نه داخل ھئن جي صورت ۾ فارم نمبر 21 جي ذريعي پنھنجو ووٽ داخل ڪرائي سگھن ٿا ـ