سنڌ هاءِ ڪورٽ پاران سيشن ججن کي اسڪولز ڪاليجز جي وزٽ جي هدايت جي آجيان

راڻيپور(رپورٽ: زوارگلشن شيخ) گذريل ڏينهن سنڌ جي تاريخ جو اهم فيصلو ڪندي سنڌ هاء ڪورت سڳوري جي قابل احترام جج صاحبان تعليم اندر پيدا ٿيندڙ ڏکيائين ، ڪوتاهين انتطامي امور ۾ ڪوتاهي ڪندڙن خلاف هڪ ليٽر ذريعي سنڌ جي تمام سيشن جج صاحبان ، جڏهن ته گرلس هاء اسڪولز ۽ گرلس ڪاليجز جي لاء خاص مئجسٽريٽ کي اختيار ڏنا ويا آهن ته سنڌ جي تعليمي ادارن م گهوسٽ ٽيچرس ، ليکچرارس ۽ ننڊو عملو جيڪو ڪوتاهي ڪري ٿو سرپرائيز وزٽ ڪري جتي به ڪوتاهي محسوس ڪن انهن خلاف سخت کان سخت قانوني ڪاروائي ڪن جيئن تعليم جي تمام اسڪولز ، ڪاليجز اندر ماضي ۾ ٿيل ڪوتاهين ويزا تي ويل استادن ، انتطامي امور ۾ ڪوتاهي ڪندڙن کي پابند ڪيو وڃي اهڙي فيصلي تي سنڌ سميت راڻيپور جي سماج سڌارڪ تنظيمن هيومن رائيٽس واچ پاڪستان شهاب فائونڊيسن سنڌ ، هيومن رائيٽس پيس آف سنڌ ، پاران هاء ڪورٽ سڳوري جي اهم فيصلن تي خوشي جو اظهار ڪيو جڏهن ته بند پيل اسڪولز ، ويزا تي ويل استادن ، انتظامي ڪوتاهين کي وائکو ڪنداسين اهرن خيالن جو اظهار سماج سڌارڪن سيد زوار حسين شاه چيئرپرسن ميڊم صنم راڄپر ، فقير محمد عباسي ، سينئر صحافي ميمبر ڪراچي پريس ڪلب راهب ڳاهو ، ديدار حسين عباسي اسد الله ڄامڙو ,فياض حسين عباسي , عبدالحق منگي محمد رمضان عباسي جنيد ميمڻ ، شفقت وساڻ ، مجاهد حسين ، نجيب علي ، شير محمد سولنگي ۽ ٻين سٽي پريس ڪلب جي صحافين سان گفتگو ڪندي چيو ته جڏهن ته پاڪستان سميت صوبن م قانوني مسئلا درپيش ايندا آهن عدالت سڳورين اهم ڪردار ادا ڪيو آهي ، جڏهن ته هن وقت سنڌ جي سرڪاري توڙي نجيب تعليمي ادارن ڪافي مسئلا آهن جن تي گهري نظر رکي رهيا آهيون ، جڏهن ته سياسي مداخلت هنن ادارن کي هٿ سان تباهه ڪري ڇڏيو آهي سنڌ اندر تعليم سميت صحت جون به نه جي برابر سهولتون آهن ، سنڌ جي ڪيترن ئي سرڪاري اسڪولن ۾ استاد جيڪي ڏيڍ لک جي لڳ ڀڳ پگهارون کڻي رهيا آهن پر انهن جو به ڪو ڪردار نظر نه ٿو اچي ، اهڙين ڪوتاهين کي مدي نظر رکندي سنڌ هاء ڪورٽ سڳوري تاريخي فيصلو ڪري سيشن جج صاحبان کي ليٽر جاري ڪيو آهي ته اسڪولن ڪاليجن جو وزٽ ڪري ڪوتاهي ڪندڙن خلاف قانوني ڪاروائي ڪئي وڃي . جڏهن ته تمام ڊويزن جي ريجنل ڊائريڪٽرس ڪاليجز ، ڊائريڪٽر اسڪولز سکر کان گهوسٽ ٽيچرس ، ويزا تي ويل استادن جون لسٽون گهرائي ورتيون آهن جيئن قانوني ڪاروائي ٿي سگهي ، اهڙي فيصلي تي سنڌ جي تمام سماجي تنظيمن جي اڳواڻن خوش آمديد ڪيو آهي