سکر ۾ به پيپلز بس جي آزمائشي سروس جي شروعات ڪري ڇڏي آهي، شرجيل انعام ميمڻ

ڪراچي: اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي هدايتن تي سنڌ ٽرانسپورٽ کاتي سکر شهر ۾ پيپلز بس سروس جي ڪامياب آزمائشي سروس جي شروعات ڪري ڇڏي آهي.
صوبائي وزير پنهنجي ٽوئيٽ ۾ اعلان ڪيو ته ڪراچي، لاڙڪاڻي ۽ حيدرآباد کانپوءِ پيپلز بس سروس هاڻي سکر پهچي وئي آهي.
ھن چيو تھ انشاءَ الله هلندڙ مهيني ئي سکر جي عوام لاءِ عوامي بس سروس باضابطه طور تي شروع ڪئي ويندي.
صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي ويزن موجب عوام کي جديد، آرامده ۽ سستي سفري سهولتون فراهم ڪرڻ جي مشن تي تيزيءَ سان گامزن آهيون. صوبائي وزير چيو ته پيپلز بس سروس عوام جي خدمت ۾ سڀ کان اڳيان آهي.