October 4, 2023

عدالپور لڳ حاجي شاھنواز الحسين ھائيرسيڪنڊري اسڪول دڙي ۾ تقريب

عادلپور (رپورٽ :محمد يونس مھر) عدالپور جي علائقي ۾ معياري تعليم طور بھترين ساک رکندڙ اداري سنڌ فائونڊيشن جي سھڪار سان ھلندڙ حاجي شاھنواز الحسين ھائيرسيڪنڊري اسڪول دڙي ۾ پھريون ٽرم ٽيسٽ جو نتيجو پڌرو ڪرڻ جو ھڪ بھترين پروگرام منعقد ڪيو ويو.

جنھن ۾ شاگردن ۽شاگردياڻين سميت سندن والدين ۽ علائقي واسين شرڪت ڪئي تقريب ۾ شاگردن ۽ شاگردياڻين تقريرون پيش ڪري داد حاصل ڪيو ان موقعي تي ڪلاس پھرين کان ڪلاس ٻارنھين تائين جي شاگردن ۽ شاگردياڻين کي پوزيشن حاصل ڪرڻ تي انعام طور ٽرافيون ڏنيون ويون

جڏھن ته ان موقعي تي اسڪول آپريٽر انيسه چاچڙ ۽ حسين بخش چاچڙ اسڪول پرنسپال ممتاز احمد چاچڙ استادن سميت والدين پنھنجي خيالن جو اظھار ڪندي چيو ته تعليم انسان جو بنيادي حق آھي موجوده دور ۾ تعليم يافته قومن ئي ترقي حاصل ڪئي آھي.تعليم سماج ۾ شعور بخشي ٿي ۽ تعليم حاصل ڪرڻ سان ئي معاشرو بھتر بڻائي سگھجي ٿو.

جڏھن ته مقررين وڌيڪ ڳالھائيندي چيو ته اسان جي مذھب اسلام تعليم حاصل ڪرڻ تي زور ڏنو آھي.انھي ڪري نوجوانن کي گھرجي ته وڌ کان وڌ تعليم حاصل ڪري پنھنجي ملڪ ۽ قوم جي ترقي لاء اھم ڪردار ادا ڪن.

دنيا جي اسريل ملڪن ۾ تعيلم جي ڪري ئي ترقي ڪئي آھي.جڏھن ته آخر ۾ ھنن چيو ته اھڙي قسم جا تعليمي جاڳرتا پروگرام منعقد ڪرڻ سان شاگردن ۽ شاگردياڻين جي حوصلا افزائي ٿئي ٿي ۽ سندن تعليم طرف دلچسپي وڌي ٿي

Follow by Email
YouTube
YouTube