ملڪ ۾ نون صوبن بابت هلندڙ ڳالهين جي مذمت ڪريون ٿا:مخدوم عاطف

ڄام شورو (پ ر) سنڌي ادبي بورڊ جي چيئرمين مخدوم سعيد الزمان عاطف پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته ملڪ ۾ نون صوبن بابت هلندڙ ڳالهين جي مذمت ڪريون ٿا. بورڊ جي چيئرمين مخدوم سعيد الزمان عاطف چيو ته ملڪ هن وقت نازڪ دور مان گذري رهيو آهي ان صورتحال ۾ اهڙي قسم جي خبرن گردش نامناسب آهي، خاص ڪري سنڌ کي ٽوڙڻ جو تصور به نٿا ڪري سگهون. اسان سنڌ جي وحدت خلاف ٿيندڙ ڪا به سازش هرگز برداشت نه ڪنداسين ۽ سنڌ جي مفادن تي ڪڏهن به ڪنهن به قسم جي سوديبازي نه ڪنداسين. سنڌ اصل کان هڪ آهي ۽ ابد تائين هڪ ئي رهندي. مان سمورين سياسي ڌرين کي اپيل ڪندس ته قومي توڙي سمورين صوبائي اسيمبلين بل پاس ڪري ملڪ ۾ نون صوبن ٺاهڻ واري شوشي کي هميشه هميشه جي لاء مڪمل طور ختم ڪيو وڃي.